گڏ??ل قومون- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان گڏ??ل قومن جي ٻارن ۽ هٿياربند ٽڪراءُ جي موضوع تي والاريل فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ٻارن جي حالت جو ذڪر نه ڪرڻ تي گڏ??ل قومن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان کي رپورٽ ۾ واضح نظر ايندڙ بي ضابطگي ۽ ڪوڙ قرار ڏنو آهي. گڏ??ل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪ??م سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پرڏيهي قبضي وارن ع??ائ??ن ۾ ٻارن جي بي پناهه تڪليفن کي اجاگر ڪندي چيو ته هو خوفناڪ تجربن جو شڪار آهن تنهن ڪري گڏ??ل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل جي اسپيشل ري پريزنٽيٽو فار چلڊرن اينڊ آرمڊ ڪانفلڪٽ ورجينيا گيمبا طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ ۾ سڀني کان واضح نظر ايندڙ بي ضابطگي هي آهي ته هڪ طرف اسرائيل جي طرفان فلسطين ۽ ٻئي طرف ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي ڏاڍ جي حالتن کي رپورٽ ۾ داخل نه ڪيو ويو آهي ۽ کين فري پاس ڏنو ويو آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ هر 6 مان هڪ ٻار تڪرارن ۽ جنگين کان متاثر ع??ائ??ن ۾ رهي ٿو جنهن جي تحفظ، ڀ??ائ?? ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ٻارن تي ڀارتي قابض فوج جي دٻاءُ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪشميري ٻارن جي هڪ پوري نسل بيان نه ٿيڻ جوڳي خوف،تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڌي ويجهي ٿي جنهن ۾ ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ع??ائ??ي جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته اسان کي هاڻي به هڪ ٽن سالن جي ڪشميري ڇوڪري جي اها تصوير ياد آهي جيڪا ڀارتي فوج جي هٿان ماريل ڏاڏي جي لاش وٽ صدمي ۾ ويٺل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته هڪ اندازي موجب 13 هزار ڪشمير ٻارن ۽ نوجوانن کي ڀارت جي 9 لک قابض فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي جڏهن ته هزارين معصوم ڪشميري پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد دوران تلاشي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان 2022ع جنگي ڏوهن جي 3432 ڪيسن جو ه?? ڊوزيئر جاري ڪيو، جن جو ارتڪاب ڀارت جي سينئر آفيسرن ڪيو، هن خصوصي نمائندي تي زور ڀريو ته هو ڀارت کان 30 هزار مغوي نوجوانن جي آزادي جو مطالبو ڪري. پاڪستاني نمائندي چيو ته سيڪر??ٽر?? جنرل جي تازي ترين رپورٽ تي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو اهڙن قدمن تي عملدرآمد ڪري، جنهن ۾ ٻارن تي موذي طاقت جي استعمال تي پابندي، پيلٽ گن جي استعمال کي ختم ڪرڻ ۽ ٻارن سان هر قسم جي ناروا سلوڪ، نظربندي کي روڪڻ ۽ ٻارن کي جنسي ڏوهن کان تحفظ شامل آهي.پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن جي شروعاتي صحيح ڪندڙن مان هڪ جي طور تي، ڪنوينشن تحت پنهنجي ذميوارين کي مڪمل طور تي نڀائي رهيو آهي، هن چيو ته سيڪيورٽي حالتن ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ وڏي پئماني تي قانوني، پاليسي ۽ آپريشنل قدم کنيا ويا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي ٻارن ۽ هٿياربند ٽڪراءُ جي موضوع تي رپورٽ ۾ ڪشميري ۽ فلسطيني ٻارن جي حالت جو ذڪر نه ڪرڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais