اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) فرانس، اسرائيل تي زور ڀريو آه?? ته هو لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايليسي صدارتي ??حل اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ ٻڌايو ته فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون ان خواهش جو اظهار ڪيو آه?? ته گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1901 تي سختي سان عملدرآمد ??ري لبنان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلام??ي کي بحال ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن لبنان ۾ گڏ??ل قومن جي عبوري فورس (يو اين آءِ ايف آءِ ايل) سان فرانس جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايليسي صدارتي ??حل چيو ته فرانس ان رخ ۾ ڪم ڪندڙن سان گڏ بيٺل هوندو ۽ تمام جلد لبنان جي حمايت ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪندو. پڌرائي مطابق فرانسيسي صدر هڪ ڊگهي مدي واري حل تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ به ڪيو جيڪو اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ گڏ??ل قومن جي تيار ڪيل عارضي سرحد بليو لائن جي ٻنهي طرفن جي آبادين جي حفاظت کي يقيني بڻائي.
اسرائيل لبنان ۾ فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪري: فرانس
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria