بيجنگ- 05 نومبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ، شنگھائي ۾ ستين چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جو دورو ڪيو. گذريل ڏينھن پرڏيھي ميڊيا مطابق ان موقعي تي ھن نمائش ۾ اسٽالز لڳائڻ وارن ادارن جي نمائندن ۽ خريدارن سان ملاقات ڪئي. ھن چيو ته چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ھڪ عالمي پراڊڪٽ ۽ گڏيل سھڪار جو اھم پليٽ فارم بڻجي ويو آھي. ھن چيو ته چين جي مارڪيٽ تائين پھچ کي وڌيڪ آسان بڻايو ويندو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، تعليم، ثقافت، طب سميت ٻين ميدانن کي وسيع ڪيو ويندو. ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻايو ويندو، ڪاروباري ادارن جي ڳڻتي تي فوري نوٽيس وٺي انھن مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو .چيني وزيراعظم اميد ظاھر ڪئي ته پرڏيھي سيڙپڪار چيني مارڪيٽ ۾ موجود رھندا ۽ وڌيڪ اعليٰ مع??ار جي مصنوعات ۽ ٻيون خدمتون چين ۾ آڻيندا، ا??يد آھي ته اھي چيني خريدارن سان گڏجي سھڪار کي وسيع ??ند?? ۽ چين کي امپورٽ مرڪز کان علاوه سيڙپڪاري ۽ ڪ??روبار جي اھم مقام طور عالمي منڊي سان جوڙڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو. ان موقعي تي ڪاروباري ادارن جي نمائندن چيو ته اسان پاڻ چين جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي جو مشاھدو ڪيو آھي. اسان مارڪيٽ تائين پھچ کي آسان بڻائڻ، ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻائڻ ۽ ڪ??روباري ادارن جي ترقي جي حمايت ڪرڻ جي حوالي سان چيني حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿا. پرڏيھي سيڙپڪارن جي نمائندن چيو ته اسان چين جي مارڪيٽ بابت پراميد آھيون ۽ چين جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ سيڙڪاري ڪري اتي ترقي کي ھٿي ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ??ند??سين.
چين جي وزيراعظم پاران شنگھائي ۾ ستون چائنا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو جو دورو
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر