اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نواز شريف جي حوالي سان انٽرنيشنل ڪنسوريشم فار انويسٽيگيٽو جرنلسٽ پاران هنيل بي بنياد الزامن جي سخت مذمت ڪئي آهي جن کي هاڻي پاڻ ڪنسوريشم هڪ صحافتي غلطي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڪابينا مطالبو ڪيو آهي ته ڪنسوريشم ان غلطي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن جي خ??اف فوري ڪارروائي ڪري. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ان جي سمورن قدمن کي ساراهيو ته هن پاڻ کي ۽ پنهنجي پوري خاندان کي کلي احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڏو ??يش ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا ان عزم کي به ورجايو ته پاڪستان ??سل?? ليگ (ن) ۽ پاڪستان جي عوام ڪجهه مفاد پرست ۽ ترقي دشمن ماڻهن کي ان ڳالهه جي ا??از?? نه ڏيندي ته هو پاڪستان جي خ??شحالي ۽ عوامي ترقي جي ان سفر کي سبوتاز ڪن.
وفاقي ڪابينا پاران ڪنسوريشم پاران وزيراعظم تي هنيل الزامن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ