نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي يوڪر??ن ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ روس کان ??طالبو ڪيو آهي ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر مطابق فوري طور تي پنهنجي فوج يوڪرين مان ??اپس سڏائي. يوڪرين تي روس جي فوجي چڙهائيءَ کي ٻيو سال شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ عالمي اداري پنهنجي يارهين خصوصي هنگامي اجلاس ۾ هڪ نئون ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنرل اسيمبليءَ جي 141 ميمبر ملڪن ان ??هراءَ جي حق ۾، جڏهن ته 7 ملڪن ۾ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ بيلاروس، جمهوريه ڪوريا، ايريٽيريا، مالي، نڪارا گ??ا، روس ۽ شامل آهن. چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت 32 ملڪن راءِ شماريءَ ۾ حصو نه ورتو. 11 پيراگراف تي ٻَڌل ٺهراءَ ۾ جنرل اسيمبليءَ ان ??طالبي جو ورجاءُ ڪيو ته روس فوري طور تي مڪمل ۽ غير مشروط طور تي پنهنجي فوج يوڪرين جي علائقن مان ??اپس سڏائي ۽ جنگ ختم ڪري. ان ??هراءَ ذريعي جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غذائي تحفظ?? توانائي، ماليات، ماحوليات ۽ ايٽمي سلامتي ۽ تحفظ تي ان جنگ جي عالمگير اثرن کان بچڻ لاءِ ايڪتا جي جذبي تحت سهڪار ڪن. جٽادار امن جي اهتمام لاءِ انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جنرل اسيمبلي سمورن ميمبر ملڪن کي اهو به چيو ته اهي انهن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪن. اجلاس جي شروعات ۾ ان ??هراءَ تي بحث ٿيو جنهن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي صدر سابا ڪوروشي جو چوڻ هو ته سڄو سال اسيمبلي جا 193 ميمبر، سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي برادري ان جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ۽ کُليل نموني مطالبو ڪندا رهيا آهن. جنرل اسيمبلي يوڪرين جي عالمي طور تي تسليم ٿيل سرحدن ۽ سامو??ڊي حدن ۾ ان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتيءَ سان ??نهنجي وابستگيءَ کي ٻيهر توثيق ڪئي. ٺهراءَ ۾ اهو يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته عالمي قانونن تحت يوڪر??ن ۾ انتهائي سنگين ڏوهه جي زمري ۾ آيل قدمن جي آزاد، قومي يا عالمي تحقيقات ۽ قانوني ڪارروائي يقيني بنائي وڃي ته جيئن سمورن متاثرن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي. جمعي ڏينهن عالمي اداري بيلاروس طرفان ??هراءَ ۾ تجويز ڪيل ٻه ترميمن کي رد به ڪيو. پهرين تجويز مطابق ٺهراءَ جي ڪيترن ئي شرطن کي تبديل ڪرڻو هو ۽ ٻي شرط تحت اسيمبليءَ کي ميمبر ملڪن کي چوڻو هو ته اهي ٻين ڳالهين کان علاوه جنگ سٽيل علائقي ۾ هٿيار اُماڻڻ کان ??اسو ڪن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي جو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات