واشنگٽن-29 مئي(اي پي پي) وائٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي چ??و آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن رفح ۾ ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ فوتگين کان پوءِ آمريڪا پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جو ڪو به ??را??و نه ٿو رکي. ميڊيا ??پو??ٽن موجب جان ڪربي چيو ته آمريڪا جو خيال آهي ته رفح تي اسرائيلي حملي جو ڪو وڏو سبب نه آهي، اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن جي سڙيل لاش جي تعداد جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ جان ڪربي چيو ته اها اهڙي ڳالهه نه آهي جنهن تي اسان اکيون بند رکون، جڏهن ته رفح ۾ بي گهر ماڻهن جي خيما وسندي تي اسرائيلي بمباري کان پوءِ آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه آئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿ?? ملر چيو ته آمريڪا اسرائيل تي عالمي انساني قانون جي مڪمل پابندي ڪرڻ، شهرين تي انهن ڪارواين جي اثرن کي محدود ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندو رهندو. هن چيوته آمريڪا اسرائيلي جاچ جي نتيجن تي گهري نظر رکي ره??و آهي.
رفح تي اسرائيلي حملي باوجود آمريڪي پاليسي تبديل نه ٿيندي: وائٽ هائوس ترجمان
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری