رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ يونيسيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پريس ??يجنسي مطابق ڪي ايس ??ليف جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ۽ يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي ??حت ڪي ايس ??ليف ۽ يونيسيف وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انساني امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ان ڳالهه تي ز??ر ڀريو ته سعودي عرب يونيسيف جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ٻارن ۽ انهن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي يونيسيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان سان اداري کي سڄي دنيا ۾ ضرورتمند لکين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ايس ??ليف جي هدف جي فريم ورڪ ??حت اچي ٿو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ ع??لمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن سان سهڪار کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش