بيجنگ -16 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي ۽ ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڪا??هه ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وچ اوڀر جي موجوده صورت??ال کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو ته غزه ۾ شهرين تي حملن جي روڪٿام ۽ انساني بحران کي گهٽائڻ لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن. ايران هن مسئلي کي سياسي طريقن سان حل ڪرڻ ۽ ان معاملي تي چين س??ن رابطي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو ته چين فلسطين مسئلي تي اتحاد ۽ هم آهنگي کي مصبوط بڻائڻ ۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۾ اسلامي ملڪن جي حمايت ڪري ٿو. بين الاقوامي برادري کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان عام شهرين کي نقصان نه پهچي، اولين ترجيح صورت??ال کي ٿڌو ڪرڻ ۽ غزه ۾ هڪ انساني تباهي کي روڪڻ آهي. جنهن ۾ بي گناهه شهري قتل ٿي رهيا آهن. علائقائي امن کي نقصان پهچي رهيو آهي. وچ اوڀر جي امن عمل کي تباهي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پنهنجي دفاع جو حق عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانونن مطابق استعمال ڪرڻ گهرجي، تشدد جو ج??اب تشدد سان ڏيڻ سان نقصان پهچي ٿو ج??ڪو وڌيڪ بحرانن ج?? سبب بڻجي ٿو.
چين ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت