قاهره – 08 اپريل (اي ??ي پي) غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي حوالي سان قاهره ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اهم پيش ر??ت ٿي آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق مصر جي سرڪاري ميڊيا سومر ڏينهن ٻڌايو ته غزه جنگ کي 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي حوالي سان قاهره ۾ ٿيل ڳالهين ۾ اهم پيش ر??ت ٿي آهي. اسرائيل خبردار ڪيو ته هو غزه جي ڏاکڻي شهر رفح ۾ فوجي ڪارروائين لاءِ تيار آهي. اسرائيل آچر ڏينهن ڏکڻ غزه ۽ مرڪزي شهر خان يونس کان پنهنجي فوج کي ڪڍيو آهي جنهن سبب وڏي انگ ۾ بي گهر فلسطينن کي ت??اه?? ٿيل شهري علائقن ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پر اسرائيلي بچاءِ واري وزير يوايو گيلانٽ زور ڏيندي چيو ته اسرائيلي ??وج وڃڻ جو مقصد ??صري سرحد تي رفح سميت مستقبل جي مشنز جي تياري ڪرڻ آهي. اسرائيلي ??زيراعظم غزه جنگ کي 6 مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذرڻ جي موقعي تي چيو ته اسرائيل فتح کان هڪ قدم پري آهي. هن پنهنجي ڪابنيه کي اهو به ٻڌايو ته اسرائيل معاهدي لاءِ تيار آهي ۽ يرغمالين جي آزادي بنا ڪا به جنگ بندي نه ٿيندي. واضح رهي ته غزه ۾ اسرائيلي ??وجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ 32 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي تي ڳالهين ۾ اهم پيش رفت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج