بيجنگ- 11 جون (اي پي پي) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اعليٰ ترين قيادت گڏيل لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ به??ود کي به??ر بڻائڻ ۾ ??ي پيڪ جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي. جاري بيان موجب چيني ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪئي. چين جي صدر شي جن پنگ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري اونهي ٿي آهي، ان حصيداري ۾ عوام جي راءِ جو مضبوط بنياد، مضبوط داخلي محرڪ سگهه ۽ وسيع تر ترقي جا امڪان موجود آهن. چين هڪٻئي جي ڀرپور حمايت ڪرڻ، تعاون جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن کي گهِرو ڪرڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي تعمير کي تيز ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط دوستي کي ڪا به طاقت ٽوڙي نٿي سگهي ۽ پاڪستان چين جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد دوست ۽ حصيدار رهندو. ڌرين متفقه طور تي پنهنجي پنهنجي بنيادي ??فادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪٻئي جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڌرين پاڪستان جي قومي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ به??ود کي به??ر بڻائڻ ۾ ??ي پيڪ جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم جي چين جي تازي دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪئي: چيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná