اسلام ??باد – 29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چ??ن جي سفير سن وي ڊونگ چيو آهي ته خطي جي ترقي چين جو پراڻو خواب آهي، چين پاڪستان کي پنهنجو آئرن فرينڊ سمجهي ٿو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه رڳو چين ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي حڪمت عملي جو نالو نه آهي پر اهو هن پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت وارو منصوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ منصوبي جي سمٽ ۽ ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اقتصادي لنگهه ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ اهم شعبن ۾ تعاون تي ٻڌل قدمن ۽ منصوبن جو ٺوس پئڪيج آهي جنهن ۾ اطلاعات جو نيٽ ورڪ، بنيادي ڍانچو، توانائي، صنعتون، زراعت، سياحت ۽ ڪيترائي ٻيا شعبا شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina