اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير مسئلي تي حڪومت ، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام متحد آهن، ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري ح?? ڪري سگهجي ٿو، ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ستم عالمي معاهدن جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ سياسي ۽ پارليماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ گڏيل پڌرنامي ?? ان ع??م جو اظهار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت، فوج، سياسي پارٽيون ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري ح?? جي ح??ايت لاءِ مڪمل طور تي متحد آهن جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي آهي. ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ گذريل 87 ڏينهن ۾ 110 بي گناهه شهرين کي شهيد ڪيو جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن.
پارلياماني پارٽين جي اجلاس جو پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام