حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته اڄ پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي پر سنڌ جي عوام جي زندگي تبديل ناهي ٿي، پرويز مشرف جي آمريت ۽ زردارين جي حڪمراني سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ببر شير ميدان ۾ اچي ويو آهي، گدڙ پاڻ ئي ڀڄي ويندا. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته ه??ارن جي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف اقتدار سنڀاليو ته ملڪ اونداهين ۾ ٻڏل هو، عوام ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتاخورن جي چنبي ۾ هو، خزانو خالي هو، ريلوي سميت سرڪاري ا??ارا تباهه ه??ا، وزيراعظم نواز شريف پاڪست??ن کي تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اڄ ملڪ جو تبديل ٿيل نقشو سڀني جي سامهون آهي، دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ج?? پويان آهن.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو