اسلا?? آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 193 ڪ??پنين جي بحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ سرمايه پاڪستان ڪمپني قائم ڪرڻ، ڊينمارڪ جي عدالت جي فيصلي جي ابتڙ ٻارن کي پاڪستان موڪلڻ جي معاملي تي مئجسٽريٽ سطح جي آفيسر کي انڪوائري ڏيڻ، اي گورننس جي لاءِ ڪمپيوٽر ۽ ٻين شين جي مرڪزي سطح تي خريداري، بيوروڪريٽس جي مقرري، مدي، ترقين جي لاءِ ٺوس نظام جوڙڻ ??ي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جي جوڙجڪ، الياس خان کي ٽن مهينن جي لاءِ پي ٽي وي جو وقتي ايم ڊي مقرر ڪرڻ، ايس اي سي پي جي ڪمشنرز جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپو??ِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 100 ڏينهن واري پلان جو جائزو ورتو آهي.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria