اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ س??اسي، معاشي ۽ عوامي رليف بابت صورتحال جي جائزه اجلاس ۾ چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون، نظام مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي تائين احتساب جو عمل ڀرپور طريقي سان ج??ري رهندو، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، احتساب جو عمل منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪشمير مسئلو اسان جي اولين ترجيح آهي، پهرين کان 5 فيبروري تائين سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ تقريبون منعقد ٿينديون، 5 فيبروري تي حڪومت، پارٽي، قوم ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي سرڪ??ري ۽ نجي سطح ??ي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائينداسين ۽ ڀارتي انتهاپسند چهري ??ي بي نقاب ڪنداسين. وزيراعظم جي صدارت ??يٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ??يٺ اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ عوام جي رليف سان واڳيل قدمن ۽ مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي آن بورڊ وٺندي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم چيو آهي ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر نظام بدلائڻ آيا آهيون: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار