اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغ??م ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغ??م ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪست??ن وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن