اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) سڄي ??لڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 33 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 270 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 29 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 25 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ??لڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملتان ۾ 23 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 846، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 280، اسلام آباد ۾ 5 هزار 397، ب??وچ??تان ۾ 595، گلگت بلتستان ۾ 375، آزاد ڪشمير ۾ 514 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 18 هزار 164 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ب??وچ??تان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 261 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 29 هزار 981 آهي. سڄي ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 60 هزار 363 آهي .
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ