نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان بيلجيئم کي ??ورپي يونين ۾ پاڪستان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ??و. ??ن چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي ??زير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن جي وچ ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪستان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ??و. افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استح??ام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.
شاهه محمود قريشي سان بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ملاقات، افغانستان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná