اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال پوري ملڪ مان سياحن جو رڪارڊ تعداد اترين علائقن ۽ خيبرپختونخوا جو رخ ڪيو، سياحت جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر شهزاد بنگش ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا جي سياسي صورتحال ۽ سروس ڊليوري جي بهتري لاءِ حڪو??ت جي کنيل ق??من تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي سياحت جي فروغ لاءِ انفرااسٽرڪچر جي بهتري تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏ??ي وئي. زيتون، زعفران، ٻير جي ماکي ۽ معدنيات جي حوالي سان صوبي جي قدرتي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ صوبائي حڪو??ت جي ق??من ۽ انهن شعبن جي برآمدات وڌائڻ لاءِ کنيل ق??من تي به تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي. وزيراعظم منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سياحت ۽ زراعت جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری