اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين ??ي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزير??عظ?? جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزير??عظ?? عمران احمد خان ن??از?? ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزير??عظ?? ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزير??عظ?? بڻائڻ تي متفق نه ٿين ??ه ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين ??ي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزير??عظ?? ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزير??عظ?? عمران احمد خان ن??از?? آئين ??ي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزير??عظ?? جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزير??عظ?? ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزير??عظ?? جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.
صدر پاران نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ عمران احمد خان نيازي ۽ ميان محمد شهباز شريف کي خط
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا