راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي مع??مل??، قومي سلامتي جي درپيش چئلينجز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيا??ين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سرحد?? جي حفاظت ۽ عوام ج?? حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوان?? جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم ج?? نوٽيس ورتو ۽ قرار ڏنو ته پاڪستا?? جي قومي سلامتي مقدم آهي، پاڪ فوج ا?? جي حفاظت لاءِ ڪنهن به سمجهوتي کانسواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ رهندي. فارميشن ڪمانڊرز آئين ۽ قانو?? جي حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوا??ين کان آگاهه آهي ۽ هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاه??ين خطرن خلاف پاڪستا?? جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار