لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قومون محنت، صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن جنهن جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پون??و، صحت ۽ تعليم تي ڪو ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا آهن جن ۾ پاڪستان تمام اڳتي وڌي سگهي ٿو، معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين، معيشت مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻو پون??و، ملڪ کي ??ڳتي هلائڻ جي لاءِ اسان کي گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي ??ياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ۽ ذاتي اناءَ کي ??تم ڪري ملڪي مفاد ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پون??و، هن وقت دنيا ۾ اسان کي ??ڀني کان اڳتي هجڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان اسان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا آهيون، اڳوڻي حڪومت پي ڪي ايل آئي جيڪا خطي جي بهترين اسپتال هئي ان کي ??ياست جي ور چاڙهي ڇڏيو، اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر دل تي پٿر رکي قيمتون وڌائڻيون پيون، آئون پوري ڪوشش ڪندس ته غريب شهرين تي بار نه پوي. هو لاهور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انڊس اسپتال جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، اڄ منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي ته اهڙي اسپتال جي افتتاح جو موقعو مليو جنهن کي ??دا ترس شخص ٺاهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ کي ??ڳتي وڌائڻ جي لاءِ گرينڊ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ملڪ جي ترقي سان واڳيل سمورن شعبن تي ڳالهه ڪئي وڃي. اسان کي ملڪ کي ??ڳتي هلائڻو آهي ته اسان کي وڏي پئماني تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، اسان کي ??مورين ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي. گرينڊ ڊائيلاگ جو مقصد اهو آهي ان ۾ صحت، تعليم، صنعت ۽ زراعت جي ترقي جي لاءِ ڳالهه ڪئي وڃي، آءِ ٽي سميت ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن ۾ هي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته آئون هتي سياست جي ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان پر اڳوڻي حڪومت پي ڪي ايل آئي جيڪا خطي جي بهترين اسپتال هئي ان کي ??ياست جي ور چاڙهي ڇڏيو، ان جي بهترين عملي کي ??ي عزت ڪري ڪڍيو ويو، ان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر ٻاهرئين ملڪن مان پنهنجون نوڪريون ڇڏي پاڪستان آيا هئا. محمد شهباز شريف چيو ته اسان رڳو سياست جي لاءِ ايتر وڏو ڏوهه ڪيو جو لکين ماڻهن کي ??ي آسرا ڪري ڇڏيو، اهو دروازو بند ٿيڻ گهرجي ڪير اچي ڪير وڃي صنعت، تعليم، صحت، زراعت، معيشت تي سياست ڪرڻ جي ڪنهن کي ??جازت نه هجڻ گهرجي. ان جي لاءِ دل گهرجي، وڏي سوچ گهرجي، ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي ذات کان مٿانهون ٿيڻو پون??و، پنهنجي اناءَ کي مارڻو پون??و، اهو سڀ ڪجهه اسان کي پنهنجي قوم جي لاءِ ڪرڻو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اڳئين حڪومت اچي ۽ گذريل حڪومت جا قائم ڪيل ادارا تباهه ڪري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ??قدير بدلائڻي آهي ته اقبال جي نظريي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي هن چيو ته آئون چوان ٿو ته قرضن تي دارومدار ڪندڙ ملڪ ڪيستائين زندهه رهندو. هن چيو ته اڄ پيٽرول ۽ بجلي ۽ ٻين جون قيمتون جيڪي وڌيون آهن اهو هينئر جو فيصلو نه آهي، اهو معاملو ان وقت ک??ن هلي رهيو آهي جڏهن بي اعتمادي رٿ جي ڳالهه ٿي رهي هئي، ان وقت اسان کي ??نيا ۾ سڀ کان اڳتي هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو. بنگلاديش کي چيو ويندو هو ته اهي بار آهن، پر اهي بار نه هئا انهن کي ??ار بڻائي پيش ڪيو ويو ان جو روانگي واپار 40 ارب آهي، اسان اڃا به 27.28 ارب تي آهيون. جڏهن دنيا ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي ته اسان مارچ جي مهيني ۾ يڪدم قيمتن کي ڪيرائي ڇڏيو، ساڍا ٽي سال ڪنهن کي هڪ رپيو نه ڏنو ويو. هن چيو ته اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر دل تي پٿر رکي قيمتون وڌائڻيون پيون، آئون پوري ڪوشش ڪندس ته غريب شهرين تي بار نه پوي. پنجاب جي وڏي وزير کي چيو آهي ته پ??ڪ آورز ۾ ميٽرو جي ٽڪيٽ اڌ ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو کي ??يليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ موجود ڊيٽا تمام شفاف آهي، ان تحت اسان 7 ڪروڙ عوام کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏينداسين. محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جا پلانٽ موجود آهن پر ساڍا ٽي سالن تائين جيڪو ٿيو ان جو حساب ڪير وٺن??و، مون کي ??يندي ڏيڍ مهينو ٿيو آهي، آئون حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مون چئي ڇڏيو آهي ته ٻه ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس. بجلي جا منصوبا موجود آهن پر ٻارڻ مهانگو گهرائڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ويلفيئر اسپتال جي تعمير تي شڪر جو اظهار ڪندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انڊس اسپتال جي بانين جي مدد سان اسان مظفر ڳڙهه ۾ طيب اردوان اسپتال کي فعال رکيو آهي. هن ماضي کي ياد ڪندي چيو ته 2013ع ۾ منهنجي ملاقات ميان احسان ۽ اقبال ڪراچي سان ٿي هئي. هنن مون کي چيو ته اسان کي يونيورسٽي ٺاهڻي آهي اهو انساني ڀلائي جو ڪم آهي ان ۾ ڪجهه مسئلا آهن انهن کي ??ل ڪرائي ڏيو. وزيراعظم چيو ته هنن مون کي ??سپتال ٺاهڻ جو پڻ چيو هو پر ان وقت مون انهن کي ??يب اردوان اسپتال کي هلائڻ جي درخواست ڪئي، طيب اردوان 2010ع ۾ ٻوڏ کانپوءِ ترڪ حڪومت جي حصيداري سان ٺاهي وئي هئي. محمد شهباز شريف ٻڌايو ته هنن بهترين انداز ۾ اسپتال کي هلايو ۽ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته مون اسپتال، انڊس اسپتال جي باني ڊاڪٽر باري کي ڏيڻ جو چيو هو ته ان جي لاڳاپيل آفيسر واڪ لڳائڻ جي لاءِ چيو جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مون ان اسپتال کي ڊاڪٽر باري جي حوالي ڪيو. بعد ۾ ان اسپتال جي سلسليوار ترقي توسيع ڪندي اسان ان اسپتال کي مظفر ڳڙهه جي بهترين اسپتال بڻايو. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ حڪومت ڪيتريون ئي اسپتالون ٺاهيون ۽ ان جي حوالي ڪيون ۽ هي انهن جي ڪا پگهار ناهي ٺندو پر رڳو پنجاب حڪومت جي مقرر ڪيل بجيٽ مان پئسا وٺندو آهي ۽ پئسي جي استعمال سان مستحق ماڻهو فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جوبلي ٽائون ۾ موجود 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۾ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. لاهور انڊس اسپتال جي بانين ۾ اقبال ڪراچي، گهرڀاتي، جاويد ارشد ڀٽي ۽ ميان محمد احسن شامل آهن، اسپتال جي تعمير ۾ اقبال ڪراچي پاران 2 ارب رپيا، احسن محمد احسن، جاويد ڀٽي، احسن پرويز، انوار غني، اعجاز گوهر، ميان طلعت ۽ ميان احمد سميت ٻين اربين رپين جي تعاون جو اعلان ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ انڊس اسپتال جي بانين اقبال ڪراچي، گهرڀاتين، جاويد ارشد ڀٽي، ميان محمد احسن، احسن پرويز، انوار غني، اعجاز گوهر، ميان طلعت، ميان احمد، ڊاڪٽر امجد ثاقب سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي انگ موجود هئا.
قومون محنت، صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن جنهن جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل