اسلام آباد – 16 8211; جون (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف عمران خان، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيرا??ظم جو اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت م??انگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش حڪمت عملي تحت م??ڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم