اسلام آ??اد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع عوام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهو??يت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽوجي تاريخي خدمتن تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد ??هب??ز شريف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي جنهن عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسلماي دنيا جي پهرين عورت وزيرا??ظم بينظير ڀٽو جي سڄي عمر مسلسل جدوجهد جي ولولي انگيز داستان آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهو??يت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي، آم??يت جي خلاف سندس عزم ۽ نڊر عوامي ۽ سياسي تحريڪ تاريخ جو قابل فخر ۽ سنهرو باب آهي. وزيرا??ظم ??هب??ز شريف چيو ته قائد محمد نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام کي مثاق جمهو??يت جو تاريخي تحفو ڏنو، ملڪ جي سياست ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، ميثاق جمهو??يت اسان جي اڳواڻن جي سياسي بصيرت جو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياسي ڪلچر ۽ روايت جي شروعات ٿي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پڪي عزم جو ثبوت آهي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪي دفاع جي مضبوطي، آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيرا??ظم چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽوجي سمورن واڳيلن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
27 ڊسمبر عوام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی