ڪراچي – 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي ??نه??جي پيغام ۾ ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ??نه??جو ڪردار ادا ڪندڙ سڀني استادن ۽ شخصيتن کي سلام پيش ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 22 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني ٻارن جو اسڪول نه وڃڻ سڄي قوم جي لاءِ فڪر جو لمحو ۽ چئلينج آهي. هن زور ڏنو ته دنيا سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي رڳو تعليم نه پر معياري تعليم جي ضرورت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته معياري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي جنگي بنيادن تي خت?? ڪرڻو پوندو ۽ قوم جي حيثيت سان اسان کي ??نه??جي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي علم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي سدائين تعليم جي شعبي ۽ تربيت کي ??نه??جي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن چيو ته پارٽي جي باني چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ??نه??جي حڪومت جي دور ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وزيراعظم جي حيثيت سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا قائ?? ڪرڻ سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ پاڪستا?? پيپلزپارٽي جي اڳوڻي حڪو??ت به ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٺاهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين سڀني ٻارن کي هڪ جهڙي تعليمي سهولتن تائين پهچ انهن جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته سڀني ٻارن ۽ نوجوانن کي بنا ڪنهن فرق جي معياري تعليم جي فراهمي پاڪستا?? پيپلزپارٽي جو منشور آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان رڳو معياري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس تعليم جي نظام جي ذريعي ئي پاڪستان کي ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهاري سگهون ٿا.
تعليم جو فروغ پائيدار ترقي ۽ امن جي ضمانت آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری