پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، موسمياتي ??نصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم گڏي?? قو??ن جي سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏي?? قو??ن جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي ??وهان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، موسمياتي ??بديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته موسمياتي ??بديلين سان اسرندڙ ملڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسرندڙ ملڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي ??و??زن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ ملڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس هڪ سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته موسمياتي ??نصاف سان گڏ اسرندڙ ملڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏي?? قو??ن جي سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا