لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪا به قوم تعليم جي ??يور مان فائدو کڻڻ کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿي ڪري سگهي، تعليم جي ??عبي جي ??هتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، آءِ ٽي جي ??عبي کي فروغ ڏئي وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، سي پيڪ منصوبي سان پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي، زرعي شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو، ان شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ کي اختيار ڪري ملڪ کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي پهرين ڪانووڪيشن کي خ??ص مهمان جي ??يثيت سان خطاب ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي ??قدير بدلائي سگهجي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ سان نه رڳو انفرادي پر اجتماعي طور تي ??عاشرتي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. معاشري ۾ برابري، انصاف جي فروغ ۽ تعليم جي ??عبي جي ??هتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. حڪومت هڪ جهڙي تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن سڄي دنيا ۾ پنهنجي ??لاحيتن کي مڃرايو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن. پنهنجي معاشري جي ??هتري جي ??والي سان انهن تي ??ڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. تعليم يافته نوجواننک ي خ??ص طور تي ??ن معاشري جي محروم ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکن ۽ پنهنجي ??لاحيتن کي انهن جي ??ندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻين. تعليم يافته ماڻهن جي منفرد ذميواري آهي ته اهي معاشري جي ??هتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خوش قسمتي سان پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ به وڌيڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته انهن نوجوانن جي ??لاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان حوالي سان استادن جو ڪردار تمام اهم آهي. آئون انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي ??ستادن کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو جن انهن شاگردن جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي ميدان ۾ آءِ اي سي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، مون کي اميد آهي ته اداري جا فارغ ٿيندڙ شاگرد ملڪي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم چيو ته شاگردن کي اعليٰ ۽ فني تعليم سان ليس ڪري ملڪ جي ??قدير بدلائي سگهجي ٿي. تعليم جي ??ريعي ئي اسان پنهنجي معاشري ۾ تحمل ۽ افهام تفهيم جي فضا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ برابري ۽ انصاف جهڙن اصولن جي پاسداري ڪري سگهون ٿا. اسان کي دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو نه ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پٺتي رهجي وينداسين. آءِ ٽي سيڪٽر کي فروغ ڏئي نه رڳو مقامي طور تي روينيو پيدا ڪري سگهجي ٿو پر وڏو پرڏيهي ناڻو پڻ ??مائي سگهجي ٿو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي ??يثيت رکي ٿو. اسان کي پنهنجي ??راعت کي روايتي طريقي کان هٽي ڪري ان شعبي ۾ جديديت ۽ ريسرچ کي اختيار ڪرڻو پوندو. جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري اسان زرعي پيداوار ۾ و??يڪ اضافو ڪري آمدني واپار ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان وسيع صلاحيتون رکندڙ ملڪ آهي جيڪو وسيلن سان مالامال آهي. هتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اسان وٽ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته انهن وسيلن کي صحيح انداز ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. الله تعاليٰ پاڪستان کي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ۽ مختلف موسمن سان نوازيو آهي. هتي ??ر قسم جون زرعي جنسون پيدا ڪري روينيو ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. آبادگارن کي رهنمائي فراهم ڪري انهن کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. زرعي جنسن جي ??ضافي جي لاءِ هائبرڊ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اسان آءِ ٽي جي ??عبي کي فروغ ڏئي نه رڳو آءِ ٽي گريجوئيٽس ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا پر ان سان پرڏيهي ناڻو پڻ ??مائي سگهجي ٿو. اسان وٽ دنيا جا بهترين آءِ ٽي پروفيشنلز موجود آهن. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ??ريعي پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڪلچر جي وائيس چانسلر محمد فيصل جنجوعه ڪانووڪيشن ۾ شرڪت تي ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. هن ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان شاگردن کي نه رڳو ڊگري مها ڪريون ٿا پر انهن کي عملي زندگي ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رهنمائي پڻ فراهم ڪريون ٿا. آئون انهن سمورن استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو جن شاگردن جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف شعبن ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ۽ ميڊلز ورهايا.
نگران حڪومت ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ