اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اولهه ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اسرائيل کي ??هو احساس ڏياري سگهجي ته غزه جنگ جا اثر خطي کان ٻاهر ٿي سگهن ٿا، اسان کي مختلف اولهندي گادي ??ارن شهرن خاص طور تي واشنگٽن ۽ لنڊن سان رابطي جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اسرائيل کي ??هو ب??ور ڪرائين ته اسرائيل نه رڳو خطي کي ??يرمستحڪم ڪري رهيو آهي پر شايد ان جو خطي کان ٻاهر به اثر پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان جي حڪومت کي ??مريڪا ??ار??ن اسرائيل جي خلاف پنهنجي موقف ۾ لچڪ جي ڪا درخواست ملي آهي. ان جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته مون کي ??هڙي ڪنهن درخواست جي ڄاڻ نه آهي، اهڙي ڪا به درخواست منهنجي خيال ۾ غيرحقيقي آهي، ڪنهن کي ??هڙن واقعن تي خاموش رهڻ جي درخواست ڪرڻ جو سوچڻ به کل جوڳو آهي. هن فوري طور تي ”تشدد جي خاتمي“ جو مطالبو ڪندي غزه تي اسرائيل جي حملي کي ”واضح طور تي نسل ڪشي“ قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هو هن هفتي جي آخر ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي هڪ غيرمعم??لي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض ويندو جنهن ۾ فلسطين تي اسرائيل جي حملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن کي ماري اهو نٿو چئي سگهجي ته اهو پنهنجي دفاع جو حق آهي، اهو وحشياڻي انتقامي ڪارروائي جو لائيسنس آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلمان عالمي آبادي جو 24 سيڪڙو آهن جڏهن ته هڪ ارب 80 ڪروڙ مسلمانن جو ڪردار سواليه نشان آهي. هن چيو ته اسان کي ??ن پوري مسلمان آبادي کي ??هو سوچڻ جي ضرورت آهي ته عالمي سطح تي اسان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪهڙو تعاون آهي، اهي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪ پنهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جون دفاعي صلاحيتون تيار ڪري رهيا آهن.
اسرائيل کي غزه جنگ جي اثرن جو احساس ڏيارڻ لاءِ اولهه ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ ضروري آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ