اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي ??ئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نت??جا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي ??ئي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي نتيجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ متبادل ويب سائٽ به ٺاهي آهي. هن ٻُڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جتي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نت??جا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 لاءِ آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته اتي نتيجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي ??ئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي نت??جا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران نت??جا ??يئ?? ڪرڻ لاءِ ميڊيا وال به بڻائي ??ئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪشن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جتي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نت??جا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪشن سٽي“ قائم ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ