اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بوسنيا هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بوسنيا هرزيگوينا جي سف??ر امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سف??ر جي آجيان ڪندي چيو ته بوسنيا هرزيگوينا سان پا??ست??ن جا اٽڪل ٽ?? ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سف??ر چيو ته سندس ملڪ پا??ست??ن سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني و??ي ته بوسنيا هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پا??ست??ني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران بوسنيا هرزيگوينا جي حمايت تي پا??ست??ن جي حڪومت ۽ عوام جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بوسنيا هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پا??ست??ن جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پا??ست??ن بوسنيا جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پا??ست??ن 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سف??ر صدر کي بوسنيا هرزيگوينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل