اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي خصوصي اجلاس ۾ فلسطين کي گڏ??ل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فلسطين گڏ??ل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ترجمان چيو ته گڏ??ل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو گڏ??ل قومن ۾ فلسطين جي داخلا تي پنهنجو اعتراض ختم ۽ انهن خاطرين جي ساک بحال ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان قرارداد جي منظوري فلسطيني عوام جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آهي. ترجمان اميد ظا??ر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.
پاڪستان فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب