اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي ا??ٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??ن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ ڪشمير اويئرنيس فورم جي سيڪريٽري جن??ل ڊاڪٽر غلام نبي فائي جي قيادت ۾ سمنڊ پار ڪ??ميري ڪارڪنن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪشميري ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان هر موقعي تي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت ۾ آواز اٿ??ري??. هن چيو ته مون پنهنجي 2022ع جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ ٻين فورمز جي اجلاسن جي موقعي تي خطابن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ ڀرپور آواز اٿ??ري??، ان کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ پڻ ڪشمير ڪ??ز کي ڀرپور اجاگر ڪيو. وزيراعظم ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي ا??ٿڪ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي. وفد ڪشمير ڪ??ز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم سان خطي جي تازه ترين اڳڀرائي جي حوالي س??ن ڳالهه ٻولهه کانسواءِ وزيراعظم کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي اجاگر ڪ??ڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو.
ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل سان ٻڌل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس