عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اردن ۾ منعقد ٿيندڙ ”غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اردن ۽ مصر سان گڏيل طور تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم کي اهڙي وقت ۾ ساراهيو جڏهن فلسطين جي عوام کي عا??مي حمايت ۽ فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي، هن عا??مي سطح تي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. نائب وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل پا??ان طاقت جي انڌاڌنڌ ۽ وحشياڻي استعمال جي پاڪستان جي شديد ۽ واضح مذمت جو ورجاءُ ڪندي اسرائيل پا??ان ڪيل جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب ڪرڻ، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي گهيري ۾ ورتل ماڻهن کي بنا رڪاوٽ انساني امداد پهچائڻ ۽ بي گهر فلسطينين جي واپسي کي يقي??ي بڻائڻ تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي پڻ زور ڏنو ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قرار??اد?? موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena