اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي ??ُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄا??اي?? آئيني ترميمن جو انداز ميثاق جمهوريت جا دستاويز آهن، ا??هن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي ??سيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄا??اي?? ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄا??اي?? آئيني ترميمن جو انداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثاق جمهوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. ا??هن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئيني عدالت جي ضرورت جو ذڪر به ميثاق جمهوريت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪ??س ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪ??شش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو طريقيڪار ب??اي?? ويو آهي. اسان آئين موجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو حق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين پارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثاق جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو ا??هن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثاق جمهوريت سان مطاب??ت رکندو هجي.
پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار