نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن تي احتجاج طور اسرائيلي وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جو بائيڪاٽ ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي خطاب کانپوءِ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جي لاءِ ڊائس تي آيو ته هال ۾ موجود پاڪستاني وفد وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي قيادت ۾ اجلاس مان احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. مبصرن پاڪستان جي ان فيصلي کي بهترين قرار ڏيند?? چيو ته واڪ آئوٽ جي فيصلي سان پاڪستان پوري دنيا کي واضح لفظن ۾ پنهنجو موقف ڏنو آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ خاص طور تي غزه ۾ اسرائيلي ظلمنک ي پوري دنيا آڏو موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جو اسرائيلي وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جو بائيڪاٽ، اجلاس مان واڪ آئوٽ
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔