اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر و??ير??تان جي علائقي اسپين وام ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي دهشتگردن س??ن وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بها??ر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت وطن جي دفاع خاطر ??ظيم قرباني پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت سمورن بها??ر جوانن جي حب الوطني جي جذبي کي سارهيو. صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر مملڪت شهيد جوانن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي سمورن شهيدن جي بلند درجن ۽ ڏکوئيل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل