ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز ??ار??ي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شاهراه سرينگر تي رينجرز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو آهي، ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان دلي تع??يت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪ??و ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به پرامن احتجاج جي حق، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز ??ار??ي جو موقف واضح آهي.
رينجرز اهلڪارن تي حملي جي مذمت، سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل دهشتگردي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔