گڏيل قومون-30 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي ع??لدرآمد ناڪافي آهي. چيني خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس سلامتي ڪائونسل جي ??ڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آئون قرارداد 2712 جي ??نظور?? جي آجيان ڪريان ٿو جنهن ۾ سڄي غزه ۾ انساني بنيادن تي فوري ۽ توسيع ٿيل راهدارين جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پر بدقسمتي سان ان قرارداد تي ع??لدرآمد ناڪافي آهي. هن چيو ته هو ان قرارداد جي ڪاميابي کي تڏهن تسليم ڪندو جڏهن غزه جي ??اڻهن جون زندگيون محفوظ ٿي وڃن، ماڻهن جو وقار بحال ٿي وڃي ۽ ماڻهن لاءِ امداد جي ??راهمي يقيني ٿي وڃي، هن چيو ته هن وقت غزه جا ماڻهو پوري دنيا جي سامهون هڪ وڏي انساني تباه?? جي ور چڙهيل آهن، هن چيو ته اسان کي پوئتي نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته اسان عارضي جنگ بندي ۾ توسيع جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا.هن چيو ته گڏيل قومون ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي غزه ۾ حقيقي انساني بنيادن تي جنگ بند?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرائيل کي فلسطين سان گڏيل قومن جي ??راردادن ۽ عالمي قانون جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي ??يام طرف پرعزم ۽ ناقابل واپسي طريقي سان اڳتي وڌڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته ڳالهين ۾ ناڪامي فلسطين، اسرائيل سميت پوري دنيا کي تمام وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جنهن کي سنڀالڻ ناممڪن ٿي ويندو.
غزه جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردان تي عملدرآمد ناڪافي آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado