رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي ??ائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع ??اري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي ??يام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي ??ريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي ??ڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي ??رڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي ??م منصب سان گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي ??رڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ امداد جي ??راهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا