واشنگٽن-12 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽ??مپ جي چين جي صدر شي جن پنگ کي ايندڙ مهيني پنهنجي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ چونڊن کان فورن پوءِ نومبر جي شروعات ۾ صدر شي جن پنگ کي جنوري 2025ع ۾ پنهنجي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي جڏهن ته اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته چيني صدر دعوت قبول ڪئي آهي يا نه، رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن 20 جنوري تي ٿيندڙ حلف برداري واري تقريب ۾ پرڏيهي شخصيتن جي شرڪت لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهن، ڊونلڊ ٽ??مپ جي ٽيم موجب صدارتي حلف برداري واري تقريب ۾ وڌيڪ پرڏيهي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته فرانسيسي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽ??مپ چيو آهي ته منهنجو خ??ال آهي ته اسان کي يوڪرين جو مسئلو روس سان گڏ حل ڪرڻو پوندو. ان سوال جي جواب ۾ ته ٻيون ڀيرو آمريڪا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بين الاقوامي سياست ۾ سندس پهرين ترجيح ڇا هوندي؟ ڊونلڊ ٽ??مپ چيو ته روس ۽ يوڪرين ٻئي ملڪ وڏي تعداد ۾ جاني نقصان برداشت ڪري رهيا آهن جو ڪنهن کي به يقين نٿو اچي. ان جنگ ۾ ٻنهي پاسن جا ڪيترائي فوجي مارجي رهيا ??هن. پنهنجي موقف جي وض??حت ڪندي ٽرمپ چيو ته ظاهر آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال به هڪ وڏي ترجيح آهي، پر منهنجي راءِ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال روس ۽ يوڪرين جي بحران جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏکئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين جي صدر کي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت، پهرين ترجيح يوڪريني بحران جو خاتمو آهي: ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ