اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پا??ستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي?? اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ??رج??اني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دن??ا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پا??ستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پا??ستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دن??ا جي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پا??ستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪ??و ويو آهي، ڪشمير پا??ستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي?? اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پا??ستان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.
پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج