لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءَ جي کو?? نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب ايندو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ما??ول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ما??ي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پوندو، 10 ارب وڻ پوکڻ سان ما??ولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطا?? ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لاهور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري س??و شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لاهور جي ما??وليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لاهور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي س??ني جي سامهون آهن، فيبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ما??ول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪومت ما??ولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.
الله تعاليٰ اسان جي ملڪ ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات