پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جي لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمران?? جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ??يم?? آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف رهيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خاندان کي ڏنو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ صحت جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسا?? جي حڪومت آهي، صوبي ۾ ت??ريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر