اسلام ??باد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم سان گڏوگڏ پ??شي??راڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پ??شي??راڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح ??ڪج??ڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، بدلجندڙ گهرجن جي موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام ??حت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ ??ڪج??ڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام ??ي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان پروگرام ??ي تعاون سان راندين ۽ ??ڪج??ڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام ??روع ڪيا ويندا. صدر تعليم سان گڏوگڏ پ??شي??راڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم سان گڏوگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان سان معاشري کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پ??شي??راڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح ??ڪج??ڙي تعليمي نصاب جي حوالي سان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ??ڪج??ڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو به نعرو ه?? تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ??ي حوالي سان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ ??ڪج??ِڙي نصابي سرگرمين جو فرُوغ ضروري آهي. ان سان پاڪستان وٽ عالمي معيار موجب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ملازمتن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، بدلجندڙ گهرجن موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ اسان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان حوالي سان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ ملازمتن جي حوالي سان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان سان اسان کي نقصان ٿيندو.
تعليم سان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ