اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن افغانست??ن ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانست??ن ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وز??رت ج?? قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سهولت لاءِ اطلاعات واري وز??رت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، و??يراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر اطلاعات واري وز??رت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ج?? قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون