گڏيل قومون- 08 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آ??ي ته جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن پر پوءِ به سفارتي محاذ تي سندن نمائندگي تمام گهٽ آهي. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق عورتن جي عالمي ڏينهن جي ??وق??ي تي گڏيل قومن جي عورتن واري شعبي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيماباهوس عالمي برادري کي سڄي دنيا جي عورتن جي تحفظ ۽ حقن جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آ??ي. هن افغانستان جي حوالي سان ٻڌايو ته اتي عورتن تي يونيورسٽين ۽ پارڪن ۾ وڃ?? تي پابندي آهي جڏهن ته نوڪرين مان به ڪڍيو ويو آ??ي. روس – يوڪرين تڪرار جي حوالي سان چيو ته جنگ سبب 80 لک يوڪرين جي شهرين کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آ??ي جن ۾ 90 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن جڏهن ته جيڪي ماڻحو پنهنجي ئي ملڪ اندر بي گهر ٿيا آهن انهن مان به 70 سيڪڙو عورتون ??هن. هن عالمي اڳواڻڻ تي زور ڀريو ته اهي سال 2000ع ۾ منظور ٿيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تاريخي ٺهرائن مطابق ڪم ڪن، جن۾ تڪرارن جي حل ۽ عورتن جي حقن لاءِ زور ڀريو ويو آ??ي.
جنگن جي سڀ کان وڌيڪ قيمت عورتون ادا ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک