جده -19 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ??احوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت مڪي پاڪ جي برانچ چيو آهي، ته جده اسلامي بندرگاه رستي آيل 14 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جي ڪليئرنس جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. العربيه نيوز مطابق وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل ماجد الخليف ميڊيا کي ٻڌايو ته ا??هن جانورن مان 6 ل?? 33 هزار اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي بي) جي ??رباني پروگرام لاءِ آهن. هڪ موسم دوران وڌيڪ چوپايو مال مملڪت ۾ آندو ويندو. هن ٻڌايو ته مڪي پاڪ ريجن ۾ اسان جي ??زارت چوپائي مال جا قرنطينيه مرڪز ۽ ليباريٽريون قائم ڪيون آهن جتي پهرين ترجيح اها هوندي آهي ته جانور وبائي بيمارين کان پاڪ هجن. ڊي جي جو چوڻ هو ته چوپائي مال جا جهاز بندرگاه پهتا آهن، جانورن جو ڊاڪٽر معائنو ڪندا ج??هن بعد پتو لڳايو ويندو ته امپورٽ ڪيل جانور صحتمند آهن يا نه. ان حوالي سان جي سي ??ي ملڪن ۾ رائج قرنطينه قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي.
حج سيزن لاءِ 14 لک کان وڌيڪ چوپايو مال جده بندرگاه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں