تهران -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي عدالت ٻن مقامي عورت صحافي?? کي سازش ۽ ملي ڀڳت ڪرڻ جي الزام تي هڪ مهينو قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ايران جي خابرو اداري موجب ايران جي عدالت صحافڻ نگين باقري ۽ ايلناز محمدي کي 3 سال قيد جي معطل شده سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته اهي ??يل ۾ هڪ مهينو گذارينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت صحافين جي وڪيل عامر رئيسيان چيو ته قيد جي باقي عرصو 5 سالن لاءِ معطل ڪئي وئي آهي ۽ ان دورا?? کين پيشيواراڻي اخلاقي تربيت وٺڻي پوندي ۽ ٻنهي عورتن جي ملڪ ڇڏڻ تي پ?? پابندي آهي جڏهن ته ان ڳالهه جي وضاحت ناهي ڪئي وئي ته ڇا اهي عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهن ٿيون يا نه جڏهن ته ايران جي ميڊيا به صحافين خلاف الزامن جا تفصيل ناهن ٻڌايا.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا