روم -19 جون (اي پي پي) امدادي تنظيمن، ڪوسٽ گارڊز جي اختيارين ۽ گڏيل قومن جي اينجنسين چيو آهي ته اٽلي جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي پ??ڏيهين جون ٻه ٻيڙيون ٻڏي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 26 ٻارن ??ميت 60 گم ??هن. اردو نيوز موجب جرمن امدادي اداري ريسڪ شپ جي ريسڪيو بوٽ تي سوار عملي کي ڪاٺين جي ٺهيل ٻڏل ٻيڙي مان 61 ماڻهو مليا آهن جن مان 51 زنده جڏهن ته 10 فوت ٿي ويل هئا. گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر ۽ پناهگيرن ??ابت عالمي اداري ۽ گڏيل قومن جي ٻارن ??ابت اداري يونيسيف گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ٻيڙي ليبيا مان شام، مصر، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي رهندڙن کي کڻي روانو ٿ?? هئي، ٻيڙي جو ٻيو حادثو اٽلي جي علائقي ڪيليبريا جي اٽڪل 200 ڪلوميٽر (125 ميل) فاصلي تي پيش آيو جڏهن 8 ڏينهن پهرين ترڪيه مان روانو ٿ??ل ٻيڙي ۾ باهه لڳي وئي ۽ اونڌي ٿي پ??ي. رومي سمنڊ ۾ پيش آيل ٻنهي حادثن ۾ هن وقت تائين 64 پرڏيهي گم ??هن.
رومي سمنڊ ۾ ٻيڙي سان حادثو، 11 ماڻهو ٻڏي فوت، 26 ٻارن سميت 60 پرڏيهي گم
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا