واشنگٽن- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ??مر??ڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ??مر??ڪي ڪانگريس جي ٻن ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز مطابق ??مر??ڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ نيو جرسي ??يا??ت سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن ڪانگريس ۾ ٽام ڪين سان ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن کان علاوه علائقائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ واپاري سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته گڏيل قدر ۽ مفاد ٻنهن ملڪن جي شراڪت داري کي مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. ملاقات ۾ ??يا??ت نيوجرسي سان گڏ دواسازي ۽ آءِ ٽي ۾ سهڪار کي مضبوط ??ڻا??ڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني سفير ڪيلفورنيا ??يا??ت سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن پارٽي جي اڀرندڙ اڳواڻ ڪيون ڪيلي سان پڻ ملاقات ڪئي. هن ان ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ، ٻنهن ملڪن جي گڏيل قدر کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحال مستقبل جي تعمير تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪيلفورنيا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن کي هٿي ڏيڻ ۾ سهڪار وڌائڻ تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي آمريڪي ڪانگريس جي ٻن ميمبرن سان ملاقات، ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج